ﺍﮐﯿﻠﯽ ﺭﺍﮦ
ﻭﮦ ﺭﺍﮬﮧ ﺍﮐﯿﻠﯽ ﮨﮯ
ﻭﮦ ﻣﻮﮌ ﺍﮐﯿﻼ ﮨﮯ
ﺟﺲ ﻣﻮﮌ ﭘﮧ ﺑﯿﭩﮭﮯ ﮨﻮﺋﮯ
ﺷﺎﻋﺮ ﻟﮑﮭﺎ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﺲ ﺭﺍﮦ ﭘﮧ ﺻﺪﯾﻮﮞ ﺳﮯ
ﺟﺸﻦ ﮨﻮﺍ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﺲ ﺭﺍﮦ ﮐﮯ ﭘﯿﮍﻭﮞ ﭘﺮ
ﺳﺐ ﻧﺎﻡ ﻟﮑﮭﺎ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﮭﺎﮞ ﻟﻮﮒ ﮨﻨﺴﺎ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﮭﺎﮞ ﺩﻝ ﻣﻼ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﮭﺎﮞ ﭘﯿﮍﻭﮞ ﮐﮯ ﺷﺎﺧﻮﻥ ﺳﮯ
ﺍﻓﺴﺎﻧﮯ ﭨﻮﭨﺎ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﮭﺎﮞ ﮔﯿﺘﻮﻥ ﺍﻭﺭ ﻏﺰﻟﻮﮞ ﺳﮯ
ﭘﮭﻮﻝ ﮐﮭﻼ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﮭﺎﮞ ﻧﻈﻤﻮﮞ ﺳﮯ ﺑﮭﺮﮮ ﺑﺎﺩﻝ
ﺭﻡ ﺟﮭﻢ ﺑﺮﺳﺎ ﮐﺮﺗﮯ ﺗﮭﮯ
ﺟﮭﺎﮞ ﺑﺰﻡ ﭼﺮﺍﻏﺎﮞ ﮐﮯ ﮨﺮ ﺭﻭﺯ
ﺍﻭﺱ ﭘﮍﺍ ﮐﺮﺗﮯ تھی
ﺍﺱ ﺍﯾﮏ ﻣﻘﺪﺱ ﺭﺍﮪ ﭘﮧ
ﺍﺏ ﮐﻮﺋﯽ ﻧﮩﻴﮟ ﺟﺎﺗﺎ
ﺍﺱ ﺍﯾﮏ ﻣﻘﺪﺱ ﺭﺍﮪ ﭘﮧ
ﺍﺏ ﺁﻧﺪﮬﯽ ﻗﺎﺋﻢ ﮨﮯ
ﺧﺎﻣﻮﺷﯿﺎﮞ ﻗﺎﺋﻢ ﮨﯿﻦ
ﺳﻨﻨﺎﭨﮯ ﻗﺎﺋﻢ ﮨﯿﻦ
ﺗﻨﮭﺎﺋﯿﺎﮞ ﻗﺎﺋﻢ ﮨﯿﻦ
ﺍﺱ ﺍﯾﮏ ﻣﻘﺪﺱ ﺭﺍﮪ ﭘﮧ
ﺍﺏ ﻣﯿﻦ ﮨﮯ ﭼﻼ ﺟﺎﺗﺎ ﮨﻮﮞ
ﺩﯾﺌﮯ ﺟﻼ ﻧﮯ ﻭﮨﺎﻥ
ﺁﻧﺪﮬﮯ ﮐﻮ ﻣﭩﺎﻧﮯ ﺟﺎﺗﺎ ﮨﻮﮞ
ﻋﻠﻢ ﻭ ﻓﻦ ﮐﮯ ﻭﮨﺎﻥ ﭘﺮ
ﻣﯿﻦ ﺑﺰﻡ ﺳﺠﺎﻧﮯ ﺟﺎﺗﺎ ﮨﻮﮞ
ﺻﺪﺍﻡ ﺑﭙﮍ

Advertisements

هي دور اکين مان ايئين گذريو

جيئين ڪوئي راهي راهه گذريو

جيئين تنهنجي سندر رخسارن تان

اشڪن سان ڀريل افسانو گذريو

اڄ ڪلهه منهنجا ڏينهن ۽ رات

سهما سهما ٿا ڪٽجن

شايد ڪوئي تنهنجو خواب

رات اکين مان ٿي گذريو

غمن جي ساري بستيءَ ۾

اڄ هر هڪ سِر تي آهي عذاب

هر هڪ پياسي رنج جو ماريل

لٽجي ميخاني مان گذريو

هر هڪ راهه ٿي شڪسته مونکان

هر هڪ موڙ ڏني رسوائي

اڄ تنهنجي پيچيدا گلين مان

چاڪ گريبان آزاد گذريو

صدام ٻپڙ آزاد

ﺳُﻮﺭﺝ ﺟﺎ ﻫﻲ ﺭﻭﺷﻦ ڪﺮﮢﺎ
ﻗﺪﻡ ﭼُﻤﻲ ﻫﻦ ﮄﺭﺗﻲ ﺟﺎ
ﭘﻮﺀِ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﮗ ۾ ﺭﻭﺷﻦ
ﭘﻮﺀِ ﺋﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺁﻏﺎﺯ ﭤﻲ ﭤﻮ
ﺻﺪﺍﻡ ﭔﭙڙ
* ﺁﺯﺍﺩ *

طوفاني هوائون ۽ امڙ جا گيت

طوفاني هوائون ۽ امڙ جا گيت

آءُ اڪيلو چوڌاري ڦرندڙ طوفاني هوائن ۾ نڪري پيس ۽ اُهي طوفاني هوائو مونکي امڙ جا گيت ٻڌائي رهيو هيون، اهڙا گيت جيڪي هن نظام کي لپيٽ ۾ ويڙهي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا ۽ طوفاني هوائون مونکي اهو به ٻڌائن پيون ته هيءَ هلندڙ ڪاراڻ آخر ڪيترو هلندي ڪيترو لهو اڃان هيءَ پيئندي. آخر اوڀر کان سورج نڪرندو، آخر نئين صبح ايندي. جنهن جو توکي، ماکي ۽ هنن کي انتظار آهي ياد رک ته اها صبح آڻڻ لاءِ توکي پنهنجا هٿ ثابت رکڻا پوندا ، توکي پنهنجا خيال سلامت رکڻا پوندا توکي پنهنجو فڪر سلامت رکڻو پوندو . ڇو جو هنن جو رنج تنهنجو رنج آهي هنن جي خوشي تنهنجي خوشي آهي هنن سان تو ۽ توسان هي آهن . هي اُهي آهن جيڪي هن نظام کي جنجهوڙيندا هي اُهي ئي آهن جيڪي هن دنيا کي ڪيرائي نئين دنيا جوڙيندا نوان باغ کيڙيندا.

20/07/2017
صدام ٻپڙ 
*آزاد*

ڪارل مارڪس هڪ ثابت قدم شخصيت

هن دنيا ۾ ورلي اهڙا ماڻهون ڄمندا آهن جيڪي عظيم مقصد خاطر پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏيندا آهن،اهڙي ئي هڪ شخص جو نالو ڪارل مارڪس آهي جنهن پنهنجي سڄي حياتي پورهيت طبقي جي نجات جي مقصد لاءِ قربان ڪري ڇڏي، ۽ سڄي زندگي تڪليفن ۽ جلاوطني ۾ گذاري پر پنهنجي عظيم مقصد کي ڪون وساريو..

ڪارل مارڪس 1818ع ۾ هڪ يهودي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪارل مارڪس 1830ع کان 1835ع تائين ٽرائير جي هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. مارڪس ننڍي عمر کان ئي لکڻ شروع ڪيو مارڪس شاعري پڻ ڪئي. 1835ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين هڪ سال بعد يعني 1836ع ۾ بون ڇڏي برلن يونورسٽي اچي پهتو ۽ اتي ئي قانون ۽ فلسفو پڙهيائين ڪارل مارڪس فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڪارل مارڪس کي قانون کان وڌيڪ تاريخ ۽ فلسفي سان گهڻو لڳاءُ هو.هيگل جي فلسفي جو روشني ۾ ڊيموڪريٽس ۽ ايپڪسورس جي فطري فلسفي جي وچ ۾ فرق جي وضاحت پڻ ڪيائين ڪارل مارڪس انهي جاکوڙ ۾ لڳي ويو ته فيورياخ جي ماديت کي هيگل جي جدليات سان ملائي هڪ ڪجي آخرڪار مارڪس جي انهيءَ جاکوڙ ئي جدلياتي ماديت تخليق ڪري ورتي. جنهن فلسفي جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. ڪارل مارڪس اخبارن ۾ به پڻ لکيو 15 آڪٽومبر 1842 ۾ هڪ اخبارجو چيف ايڊيٽر ٿيو جنهن اخبار جو نالو (Rheinische zeitung) هو. ڪارل مارڪس جو خيال اخبار ۾ ايڊيٽر ٿيڻ جو نه پر ڪنهن يونورسٽي ۾ استاد ٿيڻ جو هو. ۽ هن پنهنجي اخبار ۾ سماجيات ۽ اقتصاديات تي ايڊيٽوريل پڻ لکڻ شروع ڪيا بعد ۾ مارڪس حقيقي انقلابي ٿي پيو ڪارل مارڪس پنهنجي اخبار لاء ڏينهن رات هڪ ڪري لکندو هو. آخرڪار پريشين سرڪار روسي دٻاءَ هيٺ اچي 1843ع ۾ اخبار بند ڪرائي ڇڏي اخبار بند ٿيڻ تي ڪارل مارڪس روج ڏانهن خط ۾ لکيو آءٌ استعفيٰ ڏئي رهيو آهيان پر مونکي غلامي ۾ ڪم ڪرڻ بلڪل نٿو وڻي . اخبار جو بند ٿيڻ انهيءَ ڳاله جو پڪو ثبوت آهي ته سياسي سڄاڳي نهايت وڌي وئي آهي. آزاديءَ لاءِ اسين اڃا تلوار بجاءِ قلم جي نوڪ سان وڙهي رهيا هيون. ڪارل مارڪس 1843ع ۾ پيرس هليو ويو ته جيئن اتي وڃي هڪ ريڊيڪل رسالو ڪڍي سگهي. 19 جون 1843 ع ۾ ڪارل مارڪس جي شادي جيني فون ويسٽ فالين سان ٿي جيني ڪارل مارڪس کان عمر ۾ 4 سال وڏي هئي سندن ڪلاس فيلو ، ننڍپڻ جواني ، ويندي آخري دم تائين هڪ ٻئي جا همسفر رهيا . ڪارل مارڪس جي اينگلس سان پهرئين ملاقات 1844ع ۾ پيرس ۾ ٿي .اينگلس مارڪس جي لکڻين کان تمام گهڻو متاثر هو مارڪس ۽ اينگلس ٻنهي گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ ٻئي جا جگري دوست ٿي ويا. اينگلس به هيگل جي پوئلڳن ۾ شامل رهي چڪو هو. اينگلس هڪ سرمائدارجو پٽ هو، هو سرمائداري نظام پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو هو. اينگلس کي اهو نظام بلڪل پسند ڪون هو وڏي ڳاله اها آهي ته اينگلس به مارڪس سان گڏ سرمائداري نظام خلاف ان جنگ ۾ اٿي بيهي رهو انهن ڏينهن ۾ پيرس جي انقلابي ٽولين جي زندگي باهه وانگر ٻري رهي هئي ڪارل مارڪس ۽ اينگلس به ان ٽولي ۾ حصو ورتو ۽ ٻنهي ملي ڪري (deutsch-franzosische jahrbucher) اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو. ۽ هن دنيا ۾ پهريون ڀيرو هاري ۽ مزدور جي اتحادي ايڪي تي زور ڏئي متحد ٿي اٿڻ ۽ اڀري بيهڻ جو سڏ ڏنو . ۽ انهي اخبار ۾ پرشيا جي خلاف يارهن مضمون پڻ لکيا پوء مارڪس کي پيرس مان نيڪالي ڏني وئي بعد ۾ مارڪس پيرس ڇڏي بروسلس هليو آيو ڪارل مارڪس تي اهو الزام هو ته هو خظرناڪ باغي آهي . ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس 1847 ع ۾ پروپيگنڊا سوسائٽي ۾ حصو ورتو سوسائٽي جو نالو ڪميونسٽ ليگ هو . سوسائٽي جو چوڻ تي هنن جڳ مشهور ڪتاب ڪميونسٽ پڌرنامو تيار ڪيو جيڪو فيبروري 1848ع ۾ شايع ٿيو . هن جي شايع ٿيڻ سان نئين پورهيت انقلاب جنم ورتو ۽ پيرس ان جي آوازن سان گونجي اٿيو . هن جڳ مشهور ڪتاب ۾ جدلياتي ماديت جو نظريو ، جنهن جي دائري ۾ انساني سماجي زندگي اچي وڃي ٿي ان دنيا جي پورهيت انقلاب کي جنم ڏنو. فيبروري 1848 ع جي انقلاب جي شروعات ۾ ڪارل مارڪس کي بلجيم مان نيڪالي ڏني وئي . ڪارل مارڪس ٻيهر پيرس هليو ويو 1848ع ۾ Neue Rheinische Zeitungاخبار ڪڍڻ شروع ڪئي . ڪارل مارڪس هن اخبار جو چيف ايڊيٽر ٿيو اها اخبار 19 مئي 1849 تائين هلي .1849 ع ۾ ڪارل مارڪس تي ڪوڙا الزام هنيا ويا الزام هي هئا ته ڪارل مارڪس غير قانوني هٿيارن جو ڪاروبار ڪري ٿو. 9 فيبروري 1849 ع ۾ مارڪس ان مقدمي کان آزاد ٿي ويو. 16 مئي 1849 ع ۾ جرمني مان نيڪالي ڏني وئي. پوء ڪارل مارڪس لنڊن ۾ وڃي پهتو . سندس سياسي جلاوطني کي ڏٺو وڃي ته ڪارل مارڪس جي زندگي انتهائي مصيبتن مان ٿي گذري آهي ۽ ڪارل مارڪس جي خاندان کي به غربت مان گذرڻو پيو جو سندن گهرواري وٽ پنهنجي ٻار کي دفنائڻ لاء پئسا به ڪون هئا ڪارل مارڪس تمام تڪليفن جي باوجود به پنهنجي نظرئي کي قائم رکيو . ڪارل مارڪس 1859 ع ۾ ڪتاب سرمايو لکيو جنهن جو 1869 ع ۾ پهريون جلد لکي پڌرو ڪيو. 28 ڊسمبر 1864 ع لنڊن ۾ انٽرنيشنل ايسوسئيشن قائم ڪئي وئي جيڪا پهرين انٽرنيشنل جي نالي سان مشهور هئي 20سالن تائين ڪارل مارڪس ان ايسوسيئيشن کي هلايو سندن اينگلس به ان ۾ مارڪس جي مدد ڪئي . 1870 ع کان پوء ان ايسوسيئيشن کي بند ڪيو ويو. 1872 ع ۾ پهريون انٽرنيشنل ڪانگريس جي جنرل ڪائونسل کي ڪارل مارڪس يورپ مان نيويارڪ منتقل ڪري ڇڏيو ان ڪائونسل جو مقِصد هو ته تمام دنيا جي ملڪن ۾ مزدور تحريڪن جا طريقا وڌي وڃن پوءِ ڪجه ئي وقت ۾ اهڙو دور اچي ويو جو مختلف رياستن ۾ عوام جي وچ ۾ سوشلسٽ مزدور پارٽيون وجود ۾ اچي ويون. 2 ڊسمبر 1881 ع ۾ ڪارل مارڪس جي گهرواري جيني فون ويسٽ فالين لاڏاڻو ڪري وئي ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ مارڪس جي صحت بلڪل خراب ٿيڻ لڳي جنهن جي ڪارڻ ڪتاب سرمايو مڪمل ڪون ڪري سگهيو.14 مارچ 1883 ۾ ڪارل مارڪس پنهنجي آرام ڪرسي تي هميشه ننڊ سمهي رهيو کيس لنڊن جي هاءِ گيٽ قبرستان  ۾ پنهنجي گهرواري جي ڀر سان دفن ڪيو ويو. 

 صدام ٻپڙ آزاد

Blog at WordPress.com.

Up ↑